توکي مون ساريو

توکي مون ساريو

توکي مون ساريو

توکي مون ساريو (ڪتاب): هي ڪتاب نامياري ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار ۽ ڊرامي نويس زيب سنڌيءَ جي لکيل يادگيرين، سفرنامن، خاڪن، جيون ڪٿائن ۽ اخباري مضمونن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ ليکڪ پاڻ لکيو آهي، ليکڪ جو تعـارف نـذر مـحـمـد ڳاهــي ۽ بئڪ ٽائيٽل نوٽ نصير مرزا لکيو آهي، جڏهن ته ڪتاب جو انتساب نثر نويس ۽ ڪمپيئر ممتاز مرزا ۽ ڪهاڻيڪار طارق اشرف جي نالي ٿيل آهي. هن ڪتاب ۾ جڳ مشهور شاعرشيخ اياز‘ سان ملاقات، محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کان وٺي قيس عالم ابڙا جي لاڏاڻي تائين ’وڇوڙا‘ جي عنوان سان تاثر، امر جليل، ولي رام ولڀ، نصير مرزا، اياز گل، ڪوثر ٻرڙي، نياز پنهور، شبنم گل، گل ڪونڌر، سليم چنا ۽ احسان دانش تي خاڪا شامل آهن. جڏهن ته ڪتاب ۾ ڪرشن چندر ۽ خليل جبران جون جيون ڪٿائون به ڏنيون ويون آهن. 29 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت 320 روپيا آهي، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ 2012ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو